Village Haji Shah Bux Lashari

Village Haji Shah Bux Lashari This Page is created as a platform to share all the events, issues and promotions that take place in

21/09/2021
Please apply all business graduates
26/02/2021

Please apply all business graduates

Jobs at Apna Bank
17/02/2020

Jobs at Apna Bank

21/01/2020

نيشنل بئنڪ آف پاڪستان ۾ 1500 جايون خالي آھن
National Bank Pakistan Announced 1500 Vacancies"

ـNBP ۾ آيل 4 پوسٽن جا نالا ۽ تعليم

1:-( بزنس ڊولپمينٽ آفيسر رٽيل
(Business Development Officer For Retail)

2:-(رٽيل MIS آفيسر)____(Retail MIS Officer)

3:-(ڪنزيومر رٽيل آفيسر) ___(Consumer Retail Officer)

4:-(رٽيل پروسيسير)___(Retail Processor)

سڀني پوسٽن جي لاء تعليم گريجوئيشن ڪھڙي ب بئنڪ ۾ ڪنٽريڪٽ/ريگيلور جي بنياد تي ڪم جو تجربو

شارٽ لسٽ اميدوارن کي صرف انٽرويو لاء گھرايو ويندو

انٽرويو ۾ ڪاميابيء کانپوء پوري پاڪستان ۽ سنڌ ۾ ڪٿي ب تعنيات ڪري سگھجي ٿو

اميدوار پنھنجي Cv جيڪا پروفيشنل طور ٺھيل ھجي جنھن ۾ سموري معلومات مڪمل ايڊريس " Active ميل ايڊريس 2 نمبر Active مڪمل تعليمي ڪوائف مارڪون Percentage ۽ گريڊ سان گڏ فريش تصوير ڊوميسائل ضلعو ۽ مڪمل ڪھڙي ب اداري ۾ تجربي ۽ نوڪريء جو سمورو رڪارڊ سميت Cv ٺھرائي NBP جي ھن [email protected] ميل تي موڪلي ڇڏيو""

آخري تاريخ 27 جنوري 2020 آھي

All Graduates must apply
01/01/2020

All Graduates must apply

15/10/2019

يونيورسٽين مان تازو پاس آئوٽ ٿيندڙ اسان جي سنڌي نوجوانن جي نانءُ:

جاويد اقبال لاڙڪ جي وال تان کنيل.

زندگيءَ جي اهم مرحلي، يعني شاگرديءَ واري دورَ، کي بهتر اندازَ ۾ گذاري اچڻ تي واڌايون. هاڻي اوهان جيوَنَ جي ٻئي ۽ انتهائي اهم مرحلي، يعني پنهنجي لاءِ بهتر روزگار ڳولڻ واري دورَ اندر داخل ٿي رهيا آهيو. اهڙو ڏاڪو جيڪو اوهان جي باقي سموري زندگيءَ جي معاشي ۽ سماجي پهلوئن کي shape ڏيندو. جيڪڏهن هن مرحلي ۾ ڪا سٺي job ڳولڻ يا سٺو ڌنڌو ڌاڙي ڳولڻ ۾ ڪامياب ويئو ته بقايا زندگي ڏاڍي سُکي سَهنجي گذرندوَ. پر الله نه ڪري، جيڪڏهن اوهان بهتر ذريعه معاش پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام ويئو ته پوءِ باقي زندگي ڏاڍي ڏکي گذرندوَ.

پنهنجي محدود تجربي ۽ سمجهه آڌار اوهان آڏو تجويزون رکجن ٿيون ته جيئن ان جي روشنيءَ ۾ اوهان پنهنجي آئيندي بابت مناسب رٿابندي ڪري روشن مستقبل ڏانهن وکَ وڌايو.

1. پنهنجي پاڻ کان پڇو ته ڇا واقعي به اها field، جنهن ۾ توهان زندگيءَ جا چار سال لڳايا آهن ۽ هاڻي B.E يا B.S مڪمل ڪئي آهي، ان فيلڊ ۾ اوهان جي اڃان به دلچسپي برقرار آهي يا نه؟ اوهان جو ذهني ميلان ان پاسي آهي يا نه؟
ٻيو ته ڇا دلچسپيءَ سان گڏوگڏ اوهان جي شعبي سان لاڳاپيل ملڪَ اندر جابس به آهن يا نه؟ يا رڳو اوهان جي دلچسپي آهي ۽ اڳيان جاب جي حوالي سان سُڃَ لڳي پئي آهي؟
جيڪڏهن واقعي به اوهان جي فيلڊ ۾ جابس آهن ته پوءِ توهان ۾ ايترو ٽيلينٽ آهي جو اوهان پنهنجي فيلڊ ۾ سٺي جاب حاصل ڪري سگهو؟ اول پاڻ کان اهو سوال ڪيو.

2. جيڪڏهن اوهان جي پنهنجي فيلڊ ۾ دلچسپي برقرار آهي ۽ اوهان مختلف ذريعن کان گڏ ڪيل تسلي بخش معلومات جي آڌار تي اهو به ڄاڻو ٿا ته اوهان جي فيلڊ ۾ ملڪَ اندر يا پاڙي وارين رياستن اندر جابس به آهن (جيڪڏهن اوهان جي دلچسپي ٻاهر جاب ڪرڻ جي هجي ته) ته پوءِ بهتر اهو آهي ته رڳو بيچلر تائين پاڻ کي محدود نه رکو. هن دورَ ۾ بيچلر پاس نوجوانَ به گهڻا آهن. جابس ٿوريون آهن. اوهان کي سخت مقابلي کي مُنهن ڏيڻو پوندو. اوهان کي پنهنجي تعليمي قابليت وڌائڻي پوندي. جيئن جيئن اوهان جي تعليمي قابليت وڌندي تيئن تيئن توهان کي محسوس ٿيندو اوهان جي جوڙَ جا مدِ مقابل گهٽجي رهيا آهن. ڇو جو بيچلر هولڊرز ته گهڻا هوندا پر ماسٽرز هولڊر گهٽ. ان لاءِ بهتر هي آهي تج اوهان کي بغير ڪنهن وقفي جي ماسٽرس ڪرڻ کپي.

3. ۽ ماسٽرس ڪرڻ جو ذهن ٺاهيو اٿوَ ته وَس پڄندي ملڪَ کان ٻاهر بهتر يونيورسٽين مان ڪيو. ان ڏَس ۾، آمريڪي “فل برائيٽ“ اسڪالرشپ، جرمنيءَ جي “ڊاڊ“ يا “داد“ اسڪالرشپ، چائينيز اسڪالرشپ، ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ، ترڪيءَ جي سرڪاري اسڪالرشپس سميت مختلف ملڪن اندر اسڪالرشپس جو وڏو انگُ موجود آهي. انهن جي خبر چار اوهان HEC جي ويبسائيٽ، سوشل ميڊيا توڙي گوگل ذريعي وٺي سگهو ٿا.
يا اوهان اسان جي محترم دوست شاهه مراد چانڊئي صاحبَ جو ان موضوعَ تي لکيل ڪتابُ پڙهو. جنهن ۾ اوهان کي مختلف ملڪن اندر اسڪالرشپس جي موقعن ملڻ جو تفصيل ملندو.
ياد رهي Fully Funded Scholarship ۾ نه رڳو اوهان کي يونيورسٽيءَ اندر في نه ڀرڻي پوندي آهي بلڪ رهائش پڻ مفت ۾ مهيا ڪئي ويندي آهي. گڏوگڏ خرچ پَکي لاءِ پڻ ماهانه ايترا پيسا ملندا آهن جو توهان آرام سان ان ملڪَ اندر رهي سگهو.
توهان ان قسم جي اسڪالرشپ حاصل ڪري سگهو ٿا، بشرطيڪه اوهان وٽ هيٺيون شيون هجن؛
(الف) تحقيقي رٿا (Research Proposal):
اوهان کي سڀ کان پهرين ذهني طور تي هيٺين پاسن جي حوالي سان چٽو ٿيڻو پوندو:
* توهان ماسٽرس ۾ پنهنجي فيلڊ اندر ڪهڙي مخصوص فيلڊ اندر ريسرچ ڪرڻ گهرو ٿا؟
مثلاََ: اوهان چار سالَ ته اليڪٽرانڪس ڊپارٽمينٽ مان بيچلر ڪري آيا. هاڻي اليڪٽرانڪس جي اندر ته ڪيتريون ئي سب فيلڊس هونديون. اوهان جو انٽريسٽ ڪهڙي سب فيلڊ ۾ اسپيشلائيزيشن ڪرڻ جو آهي؟
فيلڊ جي اندر اسپيشلائيزڊ سب فيلڊ جي تعين لاءِ اوهان وٽ اها معلومات هجڻ گهرجي ته واقعي به پاڪستان ۾ ان اسپيشلائيزيشن جي جاب مارڪيٽ به آهي يا نه.
* سب فيلڊ کي پنهنجي ريسرچ جي فيلڊ بڻائڻ جي فيصلي بعد هاڻي اوهان کي ٻيو فيصلو هي ڪرڻو آهي ته ان اندر ڪهڙو اهم موضوع آهي جنهن تي توهان کي لڳي ٿو ته ريسرچ نه ٿي آهي يا ان جو ڪو مخصوص پاسو اڃان به ڪو اهڙو آهي جنهن تي ريسرچ جي ضرورت آهي؟ ان جي ڳولا ڪريو ۽ پنهنجي ريسرچ جي سبيڪٽ طور ان کي کڻي وٺو.
* اوهان هاڻي جنهن موضوعَ تي ريسرچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ان جي اهميت ڪهڙي آهي؟ ان سان ان مخصوص شعبي توڙي اوهان جي ملڪ کي ڪهڙو فائدو رسندو؟
* گڏوگڏ مختصر اهو پڻ ته اوهان ان مخصوص ملڪَ يا يونيورسٽيءَ مان ئي ماسٽرس ڇو ٿا ڪرڻ گهرو؟ ان ملڪَ يا يونيورسٽيءَ ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه آهي جنهن اوهان کي مجبور ڪيو ته توهان اتي ئي اپلائي ڪيو.
اوهان جڏهن انهن يا انهن سان لاڳاپيل ٻين اهم سوالن کي ايڊريس ڪندا ته اوهان جي نسبتاََ معياري تحقيقي رٿا (Research Proposal) تيار ٿي ويندي.
(ب) توهان جو اڳوڻو اڪيڊمڪ ريڪارڊ:
خاص طور تي اوهان جي بيچلر اندر پرفارمنس. گهٽ ۾ گهٽ 2.5 سِي جِي پِي اي هجڻ گهرجي.
(ج) انگريزي ٻوليءَ ۾ مهارت جو سرٽيفڪيٽ:
گهڻن جاين تي IELTS جي گُهرجَ هوندي آهي ته وري گهڻن جاين تي TOEFL جي. IELTS ۾ گهٽ ۾ گهٽ 7 بينڊس جڏهن ته TOEFL IBT ۾ گهٽ ۾ گهٽ 100 اسڪور هجڻ گهرجي.
(د) جِي آر اِي:
بعض جاين تي، خاص طور تي آمريڪي يونيورسٽين اندر جي آر اي جي شرط آهي. هي هڪ لکت ۾ ٽيسٽ آهي، جنهن جا ٽي مکيه حصا ٿين ٿا؛ انگريزي، ميٿس ۽ عام ذهانت سان لاڳپيل سوالَ.

4. پر جيڪڏهن اوهان کي محسوس ٿئي ٿو ته اوهان جنهن فيلڊ کي چار سالَ ڏنا آهن، تنهن ۾ توهان جي دلچسپي بنهه نه هئي ۽ مائٽن يا دوستن يارن جي چوڻ تي توهان مڙئي پئي هليا يا اوهان مختلف ذريعن کان تسلي بخش خبر چار لڌي آهي ته اوهان جي فيلڊ سان لڳاپيل بدقسمتيءَ سان ملڪَ اندر جابس ناهن ته پوءِ توهان مهل سر ٻي ڪنهن پسند واري فيلڊ طرف وکَ وڌايو.
اوهان يونيورسٽيءَ اندر گهاريل چئن سالن کي پنهنجي لاءِ وقت جو زيان نه سمجهو. ڇو جو هڪ ته توهان کي گريجوئيشن ڪنهن نه ڪنهن شعبي اندر ڪرڻي هئي. سا توهان ڪري ورتي. ٻيو ته توهان جيڪڏهن يونيورسٽيءَ مان ڪاليج سائيڊ کان بيچلر ڪيو ها ته توهان ۾جيڪا سماجي ۽ ذهني بلوغت يونيورسٽيءَ جي چئن سالن گذارڻ بعد پيدا ٿي آهي سا جيڪر ان حد تائين پيدا نه ٿي سگهي ها.
گڏوگڏ يونيورسٽيءَ جي چئن سالن ۾ توهان اٺن سيميسٽرس جا ڪُل سورنهن امتحانَ (اٺ مڊ سيميسٽر ۽ اٺ فائنل سيميسٽر) ڏنا، درجنين اسائنمينٽس ٺاهيون، پريزنٽيشنس ڏنيون، آخري سال ۾ پراجيڪٽ تي ڪم ڪيو. ٿيسز ٺاهي. ان سموري پراسيس ۾ اوهان نه چاهيندي به سکيو جيڪو توهان ڪاليج سائيڊ واري بيچلر ذريعي نه ٿي سکي سگهيا.
ان ڪري چئن سالن جي رڳو منفي پهلوئن تي سوچي ماتم ڪرڻ بجاءِ سموريون توانايون گڏ ڪري جوش ۽ جذبي سان نئين فيلڊ جي ڳولا ڪريو.

5. جيڪڏهن اوهان ۾ ٻه شيون موجود آهن؛ انگريزيءَ ۾ پنهنجي خيالن کي اظهارڻ جو ڏانءُ ۽ ڪتابَ پڙهڻ جي هيرِ، ته پوءِ توهان لاءِ چٽاڀيٽيءَ جا امتحانَ (سي ايس ايس ۽ پي سي ايس) بهترين موقعو آهن. پر جيڪڏهن اوهان ۾ مذڪوره عادتون يا قابليتون نه به آهن ۽ توهان جي دلچسپي ان پاسي آهي ۽ توهان جو اندر چوي ٿو ته توهان مذڪوه ٻنهي کوٽن کي جلدي پورو ڪري ويندا تڏهن به اوهان کي ان پاسي وڃڻ گهرجي.
اوهان جي هن وقت عمر لڳ ڀڳ 22 سالَ هوندي. اوهان وٽ سي ايس ايس جي ٽنهي اٽيمپٽس لاءِ ڇهه سالَ آهن. اوهان جيڪڏهن هن وقت کان محنت ڪرڻ شروع ڪندئو ته ڇهن سالن ۾ هڻي وڃي هنڌُ ڪندئو.
پر جيڪڏهن خدا ناخواسته سي ايس ايس ڪڍي نه سگهيئو ته ٻي ڪا جاب ضرور حاصل ڪري ويندئو. ڇو جو سي ايس ايس ليول جي پڙهائي اوهان کي ٻين ٽيسٽن پاس ڪرڻ ۾ اهم مدد ڏيندي.

6. هڪ ڳالهه جو خاص خيال رکجو. جاب حاصل ڪرڻ وارو مرحلو ٻٽن سالن تائين اينگهجي سگهي ٿو. اوهان جيڪڏهن تريءَ تي بهشت گهرڻ واري نفسيات جا قائل آهيو ته پوءِ توهان تڪڙا مايوس ٿيندئو.
اوهان ابتدائي ٽيسٽن يا انٽرويوز ۾ پاس نه ٿيڻ کي پنهنجي ناڪامي نه سمجهو. اصل ۾ اها به ڪاميابي پاسي وکَ آهي. ڇو جو اوهان کي احساس ٿيڻ شروع ٿيندو ته امتحانن ۾ فلاڻي سب فيلڊ مان سوالَ گهڻا اچن ٿا يا توهان جي فلاڻي سبجيڪٽ تي گرفت ڪمزور آهي ان ڪري پاس نه ٿا ڪري سگهو.ان تجربي جي روشني ۾ اوهان پاڻ کي improve ڪندئو. ۽ سال ڏيڍ جي محنت مشقت بعد نيٺ جاب وٺڻ ۾ ڪامياب ويندئو.

7. جڏهن به ڪنهن ٽيسٽ ۾ پاس نه ٿيو ته سسٽم تي ڏوهه ڏيڻ بدران پوري ايمانداريءَ سان اول پنهنجو جائزو وٺجو. پاڻ کان پڇجو ته توهان ۾ ڪهڙي کوٽَ هئي يا ڪهڙي خامي جنهن جي ڪري اوهان کي ڪاميابي نصيب نه ٿي. جيڪڏهن اوهان “خودشناس“ (پنهنجي پاڻَ کي پاڻَ سڃاڻڻ) ۾ ڪامياب ويئو ته يقين ڄاڻو اوهان ڪامياب زندگي گهاريندئو. اها خودشناسي وڏي شيءِ آهي.

8. اوهان ماڻهن جي مهڻن، طعنن، طنزن، ٽوڪن چٿرن يا ڊسڪريج ڪندڙ ٻين مفي روين تي بلڪل به ڌيان نه ڏجو. ڇو جو اوهان کي جلد اهڙو تلخ تجربو به ٿيندو. جيئن جيئن جاب حاصل ڪرڻ ۾ دير ٿيندي تيئن تيئن سماجَ اندر منفي رويا اوهان جي جذبن ۽ احساسن کي پنهنجن بڇڙن وڏن نِهنَ سان رانڀوٽا پائيندا. اوهان کي انهن جي ڳالهين تي وس پڄندي ڌيان ناهي ڏيڻو. جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته اوهان پنهنجي لاء صحيح فيلڊ پسند ڪيو آهي ته پوءِ توهان مستقل مزاجيءَ سان پنهنجي رستي تي بيٺا رهو. ۽ بار بار ڪوششون ڪيون. هر ڪوشش جي بظاهر ناڪاميءَ کانپوءِ ٻيون ڀيرو پهرين ڀيري واري غلطي نه ورجايو. پاڻ کي سڌاري پوء ٻي ڪوشش ڪريو. هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو جو اوهان پنهنجي منزل ماڻيندا ۽ اهي واتَ جيڪي ڪلهه اوهان کي نندڻ ۾ اوهان مٿان ٽوڪن ٺٺولين ۾ استعمال ٿيندا هئا، اهي ئي اوهان جي تعريفَ ۾ شروع ٿيندا. اوهان پنهنجي عمل ذريعي ماڻهن جي روين کي بدلائيندئو. توهان جو لڳاتار ڪيو ويندڙ عملُ نيٺ ڳالهائيندو. ۽ ماڻهن جا واتَ بند ٿيندا.

9. ان سڄي عرصي دوران اوهان تڪڙ ۾ همت هاري، رومال ڇنڊي، ڪُلهي تي رکي، گهر وڃي ويهي نه رهجو. ٿوري مڙسي ڪجو. چِيڙها ٿي ڪم جي پٺيان لڳجو. جيئن تيئن ڪري حيدرآباد، ڪراچي يا لاهور وسائي، رُکي سُکي کائِي، پنهنجي مقصدن طرف پيش قدمي ڪندا رهجو.

10. وقتاََ فوقتاََ دنيا جي عظيم ماڻهن جون ڪٿائون پڙهندا رهجو. اهي توهان کي ٻڌائينديون ته وڏن ماڻهن جي ترقيءَ جو رازُ ڇا هو. اهي اوهان کي ٻڌائينديون ته جنهن ڪيفيت مان هن وقت اوهان لنگهي رهيا آهيو ان مان انيڪَ انسانَ لنگهيا آهن. فلاڻن فلاڻن فلاڻين فلاڻين حالتن ۾ هيئن هيئن ڪيو ته فلاڻي مقامَ تي وڃي پهتا. اوهان کي اتساههُ ملندو ته توهان به ائين ڪيو.

11. پنهنجي فيلڊ سان لاڳاپيل قابل دوستن استادن يا سينيئرس سان دعا سلام ضرور رکو. انهن جي تجربي مان فائدو وٺو. انهن سان مسئلا شيئر ڪيو. ۽ انهن کان صلاحون وٺندا رهو.
اميدَ آ ته جيڪڏهن اوهان هنن ڳالهين تي عمل ڪيو ته انشاء الله اوهان ڪجهه سالن اندر ئي جاب حاصل ڪرڻ ۾ ضرور ڪامياب ويندا.
نيڪ تمنائون ۽ دعائون هميشه اوهان سان گڏ.
شل جڙيا هجو.

Online Application are Invited for the following Post in Various departments in Government of Sindh.Closing Date: 15-6-2...
03/06/2019

Online Application are Invited for the following Post in Various departments in Government of Sindh.
Closing Date: 15-6-2019

08/02/2019

Aj Subha Nisar Lashari ke Father (Muhammad Juman Lashari) ki death ho g*i he. Janaza nimaz 3:00pm Village Haji Shah Bux Lashari men ada ki jai gi.

Address

Deh: 129, Taluka Sindhri
Mirpur Khas
69000

Telephone

+923101192597

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Village Haji Shah Bux Lashari posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share