20/03/2024
بيقراري ۾ قرار ڇو آھي
مونکي دشمن سان پيار ڇو آھي
مون ته چاھيو ته تو ھٿان مران
تنھنجو خالي ھي وار ڇو آھي
ڪجهه نه سمجهي نه ڪو سڻي ٿو پيو
پيار هي ننڍڙو ٻار ڇو آهي
ھي حسن درس آ چريو ماڻھو
پاڻ کان پاڻ ڌار ٿيو آھي
حسن درس 🖤