History of DADU

History of DADU Dadu District was formed in April 1931 from Larkana and Karachi District. It is situated on Right Bank of River Indus.

This Page about the History of Dadu and other stuff related to it, Like historical event's, people, language ,life style etc And also the current affairs issues! The District takes its name from Headquarter town. Instagram username:
Email adress: [email protected]

09/09/2022

Today Starlink by SpaceX On Dadu City



- Rehan Allahwala

Withe the Grace of Almighty Allah, admissions in Foundation Samester 2022 have started in  IBA Sukkur University @ Dadu ...
28/11/2021

Withe the Grace of Almighty Allah, admissions in Foundation Samester 2022 have started in IBA Sukkur University @ Dadu Campus. All eligible students should apply at once & parents of Dadu & nearby Districts should take benefit from this golden opportunity at their door step for the bright future of their children.

9 آڪٽوبر 1992ء يوم وفات استاد بخارياڄ سنڌ جي چوٽيء جي شاعر استاد بخاريء جي وفات جي تاريخ آهي،  سيد احمد شاهه المعروف است...
09/10/2021

9 آڪٽوبر 1992ء يوم وفات استاد بخاري

اڄ سنڌ جي چوٽيء جي شاعر استاد بخاريء جي وفات جي تاريخ آهي، سيد احمد شاهه المعروف استاد بخاري ولد سيد حاجن شاهه بخاري 16 جنوري 1930ع تي ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو، ھن سنڌي فائنل/ورنيڪيولر پاس ڪري تعليم کاتي ۾ استاد طور پير رکيو، ان دوران سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪري ليڪچرر ٿيو، جتان پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ٿيو، استاد بخاري جو شمار سنڌ جي تمام وڏن شاعرن ۾ ٿئي ٿو، سندس ڪيترائي مجموعا شايع ٿيل آهن، جن مان: گيت اسان جا جيت اسان جي، هي گيت گلابي ٻارن جا، اوتون جهوتون، ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، سوچون، ڀڻڪا، واڪا، لهر لهر دريا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي، زندگي زندگي، نه ڪم نبريو نه غم نبيريو، ماندي ٿيءُ نه مارئي، ولولو ۽ ووڪ، وطن ۽ ويساهه، گلدستي ۾ گيت، بخاريءَ جا قطعا، پير نه هٽن پوئتي، ڌوڙ دل تي درد جي، گهڙيا سي چڙهيا، هي گجرا هي گولا، هڙئي هيج وطن جا، لهري لهري ۾ لالاڻ، ڳائي پيو جاڳائي پيو، تڙ تيڏيان ڳالهيان وغيره قابل ذڪر آهن، ان کان سواءِ استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۽ شخصيت تي به ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا، ترتيب ڏنا ويا آهن، جن مان عزيز ڪنگراڻي جو تيار ڪيل لغتي ڪتاب ”اکر اکر آرسي“ سڀني کان اھم آھي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران ڇپايو ويو آهي، استاد بخاري 9 آڪٽوبر 1992ع تي وفات ڪئي، استاد بخاري شاهه لطيف کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳايو ويندڙ شاعر آهي، سندس شاعري سنڌ جي ھر ننڍي وڏي فنڪار ڳائي آهي..

إِنَّا للهِ وَإِنَّـا إِلَيْهِ رَاجِعونَ 💔DADU CHAMBER OF COMMERCE & INDUSTRY (DCCI) HEAD OFFICE (OBITUARY) We are deepl...
28/09/2021

إِنَّا للهِ وَإِنَّـا إِلَيْهِ رَاجِعونَ 💔

DADU CHAMBER OF COMMERCE & INDUSTRY (DCCI) HEAD OFFICE (OBITUARY) We are deeply saddened to announce the loss of Mr. Bagh Ali Suhag, Father of Mr. Javed Akhtar Suhag, Former President DCCI, who passed away after a brief illness.

هڪ ڪردار اشرف ساهڙ جنهن سڄي عمر وڻ پوکڻ ۾ ڏني لکن جي تعداد ۾ هن همراه جا وڻ پوکيل آهين هن جا خاص ڪري سنڌي ٻٻر نم ٽالهي پ...
28/08/2021

هڪ ڪردار اشرف ساهڙ جنهن سڄي عمر وڻ پوکڻ ۾ ڏني لکن جي تعداد ۾ هن همراه جا وڻ پوکيل آهين هن جا خاص ڪري سنڌي ٻٻر نم ٽالهي پپر جا وڻ پوکيل آهين هن کي صرف چوندا آهيون فلاڻو وڻ کپي ٻي ڏينهن تي باغن مان ڪڍي اچي ان جڳھ تي کڻي ايندو پهريون پاڻي پاڻ ڏيندو پوء ڀلي پنج سالن کان پوء اتان چڪر لڳيس پر ان وڻ کي وري پاڻي ضرور ڏيندو ۽ پنج منٽ ان وڻ جي ڇانء ۾ ضرور ويهندو. ڳوٺ مسو ساهڙ لڳ دادو ڪينال ويجهو سعيدي موساڻي شاھ پنجو سلطان ميهڙ دادو

DADU SISTER'S LIBRARY is ready for the readers to come and study. (for girls only) in Dadu. During motivation and invita...
29/07/2021

DADU SISTER'S LIBRARY is ready for the readers to come and study. (for girls only) in Dadu.

During motivation and invitation of MBBS campus dadu girls for the "Dadu sister library"

لائبريريون ھڪ علم جو خزانو آھن، جنھن مان شعور حاصل ڪرڻ کان اڄ تائين عورتن کي پري رکيو ويو آھي. ھا توھان کي بازار وڃڻ يا پارڪ وڃڻ جي اجازت ملي ويندي اتي اوھان کي سوين عورتون ملي وينديون. پر لائبريري ۾ ھزارين ڇوڪرا ھوندا پر ھڪ به ڇوڪري نہ ھوندي. ميڪ اپ لاءِ ھزارين روپيا مھيني تي خرچ ڪنداسين پر ھڪ به ڪتاب ڪورس جي ڪتابن کان سواءِ نه پڙھنداسين. ڪتاب ئي آھن جن جي ڪري اڄ دنيا جون ھي سڀ ترقيون، نوان خيال، نئين سوچ جنم وٺي ٿي، پنھنجي توڙي دنيا جي پروڙ پئي ٿي. مذھب به مقدس ڪتابن جي ذريعي پنھنجي تعليم ڏني. سچ آھي جنھن زندگي ۾ ڪتاب پڙهيا اھو ھڪ ئي جيون ۾ ھزارين جنم گھاري ٿو، پنھنجي تاريخ سکڻ سان گڏ مستقبل جا خواب ڏسي ٿو. سو ان سوچ سان اسان دادو سسٽرس گروپ به ھڪ خواب ڏٺو ته عورتن لاءِ ھڪ الڳ لائبريري ھجي. مونکي ياد آھي ان جي شروعات تڏھن ٿي جڏھن اسان ڇوڪرين کي لائبريري ۾ آڻڻ جي مھم ھلائي ھئي، پر اھا ڪامياب نه ٿي ڇو ته ڇوڪرين کي گھران اجازت نه پئي ملي، ان کان پوءِ اسان ڪوشش ڪئي تہ لائبريري م ڇوڪرين جي لاءِ ھفتي م ٻه ڏينھن مقرر ڪيا وڃن پر ان تي لائبريري جي ريڊرس ۽ انتظاميه سميت ڊي سي کي اعتراض ھو ته ڇوڪريون پڙھڻ اينديون ڪونه ۽ ڇوڪرن جا لائبريري جا ڏينھن ضايع ٿيندا. تڏھن ڇوڪرين جو شوق نه ڏسي اسان به ان ڳالھ کي اتي ئي ڇڏي ڏنو. پر شمائلہ ان وقت جي تقريبن ناممڪن ڳالھ کي اڄ ممڪن ڪرڻ جي شروعات ڪئي آھي، دادو سسٽرس لائبريري جي شروعات ڪري. اسان جي خواب جي ساڀيان طرف قدم وڌايو آھي. جنھن ۾اسان سڀ ان سان گڏ بيٺل آھيون. ء ھاڻي سڀني دادو جي ڀيڻين، مائرن، ڌئيرن جو امتحان آھي ته توھان ٻيو ڪجھ نه ڪيو پر لائبريري اچو ۽ ڪتاب پڙھڻ جي عادت وجھو.
جن ڇوڪرين کي امتحانن جي تياري ڪرڻي آھي پوءِ ميڊيڪل جي تياري ھجي يا ڪميشن جي يا ٻئي ڪنھن امتحان جي ۽ انھن کي گھر ۾ ڪم ڪار، يا ٻارن جي گوڙ وغيره جي ڪري پڙھڻ جو ماحول نه ٿو ملي، اھي ڪلاڪ ٻه ڪڍي لائبريري اچن. ۽ اتي پرسڪون ماحول ۾ ويھي پڙھن. تہ ان کان بھتر ڪھڙي ڳالھ ٿي سگھي ٿي. ھنئير اڃان شروعات آھي اڳتي ھلي اسان مختلف مضمونن تي سيشن بہ رکرئينداسين. ۽ ڪتابن جي ذخيري کي به وڌايو ويندو. بس توھان جي تعاون ء سپورٽ جي ضرورت آھي.


"DADU SISTER'S LIBRARY"
(If u educate a women u educate a nation)

address: ShamasAbad Muhalalh Near Fish Market Dadu.
Contact: +92 3243542329
(this number available on the library timing only)
Timing: 2:00pm to 6:00pm MON to SAT

Dadu sister library 1st time in dadu we give u peaceful environment
Peaceful place
Free registration
Free study
Free books
No cost any single rupee

(سنڌ جاڳي پئي)سنڌ جو ٽئلينٽ، دادو شهر سان واسطو رکندڙ مختيار ميربحر، جنهن ٽي ڀيرا ڪميشنز ۾ اپلائي ڪيو ۽ ٽيئي ڀيرا ڪواليف...
28/07/2021

(سنڌ جاڳي پئي)
سنڌ جو ٽئلينٽ، دادو شهر سان واسطو رکندڙ مختيار ميربحر، جنهن ٽي ڀيرا ڪميشنز ۾ اپلائي ڪيو ۽ ٽيئي ڀيرا ڪواليفائي ڪري پوري ملڪ ۾ مختلف عهدن تي پنهنجون ڊيوٽيون سر انجام ڏئي چڪو آهي...
حاليه ڊسٽرڪٽ فاريسٽ آفيسر جي عهدي تي فائز هوندي، پوري پاڪستان ۾ AIG FOREST FEDERAL ۾ ٽاپ ڪيائين.
سندس اهليت جي بنياد تي آمريڪا جي هاء پروفائيل ۽ معروف ترين "YALE UNIVERSITY" جي طرفان آڇ ٿي، جنهن کي قبول ڪندي، اتان جي معياري ٽيسٽ پاس ڪري يئل يونيورسٽي جي اسڪالرشپ تي هائير ايجوڪيشن لاءِ آمريڪا وڃي رهيو آهي.
محبوب دوست مختيار ميربحر لاءِ هزارين نيڪ تمنائون!

سنڌ جي ٽئلينٽ کي وڌ کان وڌ شيئر ڪريو....

اِنّا لِلّهِ وَاِنّا اِلَيْهِ رَاجِعُوْن ..ڊاڪٽر اسمائيل چانڊيو جو نوجوان ۽ با اخلاق فرزند ڊاڪٽر ماجد اسمائيل چانڊيو جيڪ...
11/07/2021

اِنّا لِلّهِ وَاِنّا اِلَيْهِ رَاجِعُوْن ..
ڊاڪٽر اسمائيل چانڊيو جو نوجوان ۽ با اخلاق فرزند ڊاڪٽر ماجد اسمائيل چانڊيو جيڪو ڪجھہ ڏينهنن کان ڌماغ جي خطرناڪ وائرس سان لڙندي اڄ رضا الاهي سان انتقال ٿي ويو آهي اللہ پاڪ مغفرت فرمائي درجات بلند ڪري جنت الفردوس ۾ اعلیٰ مقام عطا فرمائي آمين. الله پاڪ والدين کي صبر جي توفيق عطا فرمائي آمين.

دادو ڪرونا ۾ ڀرتي ٿيل ڊاڪٽرس جي ڪارڪردگي  ڪوڊ 19  ۾ دادو صحت کاتي پاران 36 ميل فيميل ڊاڪٽرس اپائينٽميٽ ڪيا ويا ڊاڪٽرس جي...
29/05/2021

دادو ڪرونا ۾ ڀرتي ٿيل ڊاڪٽرس جي ڪارڪردگي



ڪوڊ 19 ۾ دادو صحت کاتي پاران 36 ميل فيميل ڊاڪٽرس اپائينٽميٽ ڪيا ويا ڊاڪٽرس جي ڀرتي ڪجھ اھڙي طريقي ڪئي وئي جنھن ۾ گھڻي ڀاڱي صحت کاتي دادو ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرس جا پٽ ۽ ڌيئرون ڀرتي ڪيون ويون ڪجھ سياسي سفارش تي ڀرتي ڪيا ويا ان جو به خير آھي پر افسوس ته 36 ڊاڪٽرس مان صرف 10 ڊاڪٽرس ڊيوٽي ڪن پيا باقي سفارش عيوض ڪي ڊاڪٽرس ايف سي پي ايس ڪن پيا ته ڪي وري مختلف شعبن ۾ اسٽيڊي لاء دادو کان ٻاھر آھن عجيب ڳالھ اھيا به آھي ته ڪي اڃا ھائوس جاب ڪن پيا پر انھن جا آرڊر ھن ڪوڊ 19 ۾ ڪيا ويا آھن ڪرونا ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرس جي پگھار 1 لک روپيه فڪس آھي ھڪ طرف ڪرونا جي ايمرجنسي لڳل آھي ته ٻي پاسي گورنمينٽ کي مھانا 26 لک روپيه چونو لڳايو پيو وڃي 36 ڊاڪٽرس جو انگ تمام وڏو آھي پر ڪرونا ايمرجنسي ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرن جو تعداد 8 کان 10 آھي گھڻن ڊاڪٽرن وٽ پاڪستان ميڊيڪل ڪائونسل جا سرٽيفڪيٽ به نه آھن اسين صحت جي صوبائي وزير ۽ چيف سيڪريٽري کان مطالبو ٿا ڪريون ته ڪرونا ۾ ڀرتي ٿيندڙ ڊاڪٽرس جا ڊاڪيومينٽس چيڪ ڪيا وڃن ۽ ڊيوٽي نه ڪندڙ ڊاڪٽرس کان ڊيوٽي پڻ ورتي وڃي ٻي طرف ڪرونا ۾ ڀرتي ٿيل ڊاڪٽرس کين ريگيولر ڪرڻ لاء احتجاج پڻ ڪن ٿا دادو جي ھن مسئلي تي شفاف انڪوائري ڪئي وڃي ڪجھ ذريعن وٽان اھئي انڪشاف ٿيا آھن دادو صحت کاتو اصل حقيقتون سامھون آڻي.

Copied from: Sajid Mastoi

لفظن جي  ساحر استاد بخاري کي سنڌ جي سحر پاران ڀيٽا♥️استاد بخاري جو پورو نالو احمد شاه بخاري هو. سندس جنم دادو ضلعي جي هڪ...
13/05/2021

لفظن جي ساحر استاد بخاري کي سنڌ جي سحر پاران ڀيٽا♥️

استاد بخاري جو پورو نالو احمد شاه بخاري هو. سندس جنم دادو ضلعي جي هڪ ڳوٺ ۾ سيد حاجن شاه جي گهر ۾ ٿيو . شروعات ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان ڪم ڪيائين، بعد ۾ ڪاليج ۾ سنڌي ادب جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ آخر ۾ پروفيسر ٿي دادو جي ڊگري ڪاليج مان رٽائرڊ ٿيو.

استاد بخاري 1950ع کان باقاعده مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو ۽ سندس شعر مختلف رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳا. استاد بخاري جي سڃاڻپ هڪ عوامي شاعر جي حيثيت ۾ پوري سنڌ ۾ ٿي، سندس ڇپيل شعري مجموعن ۾ ڪوڪڻ ۽ ڪلياڻ، ”ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي، نه ڪم نبريونه غم نبريو، زندگي زندگي، پير هٽن پوئتي، اوتون جوتون، ماندي ٿي نه مارئي، ولولو ۽ روڪ، وطن ۽ ويساهه، هر ئي هيڄ وطن جا، ٿڙ ٿڙ تيڏيان ڳالهايان، گهڙيا سي چڙهيا، گيت اسان جا جيت اسان جي، لهر لهر دريا، سوچون ڀڻڪا واڪا، گيت گلابي ٻارن جا، ميلا ملهالا، لهر لهر ۾ لالاڻ، ڳائي پيو جاڳي پيو، گلدستي ۾ گيت ۽ ٻيا مجموعا آهن۔

استاد بخاري سنڌي شاعري ۾ هڪ وڏو نالو آهي، هو شاعري جي افق تي عوامي ترجما نگار جي حيثيت سان اڀريو. سندس شاعري عشق، حسن ۽ قوميت جو سنگم آهي. راشد مورائي سندس شاعري لاءِ لکي ٿو ته ” استاد بخاريءِ سونهن، سچ ۽ پيار جو شاعر آهي ۽ انهن موضوعن کي نهايت سادي، سولي ۽ عام فهم ٻوليءَ ۾ اهڙو ته خوبصورتي سان پيش ڪيو اٿس، جو سندس شاعري ۾ چمڪ پيدا ٿي پئي آهي، ” استاد بخاري حسن ۽ عشق مان وڏو اتساهه ٿو وٺي، هو حسن ۽ عشق کانسواءِ زندگي جو تصور اڌورو ٿو سمجهي۔

او عشق نه ڇڃ مون کان، او سونهن نه ڇڏ پاسو
نه ته مان ڊڄان ٿو پيو هن هانءُ جي دهڪن کان

استاد بخاري لفظن ۾ ساهه ڀرڻ سان گڏ لفظن ۾ جادو به ڀري ٿو. لفظ استاد اڳيان ڇيرو پائي نچندا نظر اچن ٿا. سندس شاعري جي سٽ سٽ ۾ حسن ۽ محبت جو پيغام آهي. هو چوي ٿو ته ؛

زندگي تي ناهين ڪوئي ڀروسو،
حسن کي پوجي وٺو پوجي وٺو

استاد حسن جي ڪائنات ۾ گذاريندي، وڇوڙو، رسڻ، پرچڻ، چوٽ، درد، سور، سوز، انتظاري، بيقراري جهڙين ڪيفيتن مان گذري ٿو. دل تي درد سهندي، برهه مان باهه ٻارڻ جو ڪيڏو نو سهڻو اظهار ڪيو اٿائين.

جيءُ جنهن کي چيم، جهڻڪ تنهن کان مليم
چوٽ ڏاڍي رسيم، پر ڪيم درگذر
ڪيس ڪيڏا ڪئي حسن جي انڌ تي
باهه ٻاري وڌءِ هانءَ جي هنڌ تي
غير جي پنڌ تي پير تنهنجا ڏٺم
چوٽ ڏاڍي رسيم، پر ڪيم در گذر

ڪو به اديب، شاعر، سگهڙ يا سياستدان پنهنجي قوميت کان دستبردار نه ٿيندو آهي. ڪيڏا به ساڻس ها ڃا ٿين، ليڪن انساني سڃاڻپ قوميت سان ئي منسوب آهي. استاد بخاري جا گيت، غزل، وايون ۽ باقي سڀ صنفون سنڌ ڌرتيءَ جي قوميت جي رنگ ۾ رنگيل آهن، ڇو جو خودئي وڏي واڪي چيو اٿائين ته؛

اغيار سان اقرار اهو ڪيئن ٿيندو
۽ يار سان انڪار اهو ڪيئن ٿيندو
استاد بخاري کي کڻي دفن ڪيو
ڌرتي کان مگر ڌار، اهو ڪيئن ٿيندو

سنڌ، جيڪا ڪراچيءَ کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين پکڙيل آهي، ان لاءِ ” استاد“ چوي ٿو ته؛

سنڌو جي اٿل سمجهه عقيدا منهنجا،
منڇر جا ڪنول سمجهه عقيدا منهنجا
مهراڻ ۽ منڇر جي لٿل ٿا ڏسجن
اولاد لٿل سمجهه عقيدا منهنجا

استاد کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ سان محبت آهي، هتان جي ماروئڙن، جهانگيئڙن جا حالات زار ڏسي هو بي چين ٿي پوي ٿو؛

مان ڪيئن سيج سمهان، منهنجا ماروئڙا
منهنجا سانگيئڙا، پڌر پٽ سمهن
تنهنجي ميزن تي، سهسين کاڄ اچن
کائن ڪانگ ڪتا، جوٺا جام بچن
مان ڪيئن لوڻ چکان، منهنجا ماروئڙا
منهنجا سانگيئڙا، روزا روز رکن

استاد بخاري خاموش ٿي ويهي رهڻ کي غلط ٿو سمجهي، سنڌ جي مسئلن لاءِ وڙهڻ جي ترغيب ڏئي ٿو، هو مرشد جي فيض ۽ ڌرتيءَ لاءِ حق وٺڻ لاءِ چوي ٿو

سون مرشد کان ڳنهي وٺبو آ

فيض مرشد کان وٺبو آ

جو به سمجهو اوهان جو حق آ

حق مڙسي سان ڇني وٺبو آ

استاد بخاري هن ڌرتي جو نظرياتي سوچ وارو دانشور ۽ انقلاب جي علامت آه، ڪنهن وڏي منزل تي رسڻ تائين اهو ئي چوڻ به حق ٿو سمجهي ته؛

جو قوم جياري جئندو رهندو،

جو عام اجاري اهو جئندو رهندو

مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي

جو سنڌ سنواري اهو جئندو رهندو

استاد بخاري جتي حسن، عشق ۽ قوميت جي ڳالهه ڪري ٿو، اتي بين الاقوامي امن، انسانيت کي به نٿو وساري، ڇو جو سندس شاعري صرف سنڌ جي سرحدن تائين محدود نه آهي. نفرت کي لعنت ٿو سمجهي، ذاتين، مذهبي فرقي بازن کي انسانيت لاءِ هاڃو ٿو سمجهي؛

ٿو ٿو ٿو ٿو، نفرت نفرت هيڙو هيڙو لعنت لعنت

ظلم جي هي ڇيڙ، جوڳي، جهٽ ڪر، ڇيڙون ڇيڙا

ڪلفت فتنا ۽ ناسازيون ذاتيون مذهب فني بازيون

سڀ تي پيار پکيڙ، جوڳي جهٽ ڪر ڇيڙون ڇيڙا

جڏهن دنيا ۾ ايٽم بم جي ايجاد سان وڏي پيماني تي تباهي ٿيڻ لڳي، تڏهن استاد چوي ٿو ته ؛

ايٽم هٿ ۾، انسان بڻيو، انسان جو ويري

يا ڪندا هي دنيا تنهنجو ڍينگوئي ڍيري

مطلب ته استاد پنهنجي سچ، سونهن، حسن، عشق، قوميت ۽ بين الاقواميت جي موضوعن سان سنڌي شاعري کي عظمت ۽ انفراديت بخشي . سندس شاعري جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته اها وڏي پيماني تي ڳائي وڃي ٿي ۽ ٻڌي وڃي ٿي سندسن شاعري جي عظمت ان وقت اڃان به وڌي وڃي ٿي جڏهن ان ۾ عملي ترجماني جا سڀئي پهلو ملن ٿاـ

هن دور ۾ شريف ماڻهو سُڪون جي زندگي بہ نٿو گُزاري سگهي!
05/04/2021

هن دور ۾ شريف ماڻهو سُڪون جي زندگي بہ نٿو گُزاري سگهي!

شاھجھان چنه ۽ ان جو خاندن دادو شھر جي مُعتبر ۽ باڪردار خاندانن مان ھِڪ آھي جنهن جو علم ھر ننڍي وڏي شھري کي آھي , جڏھن ڪو...
03/04/2021

شاھجھان چنه ۽ ان جو خاندن دادو شھر جي مُعتبر ۽ باڪردار خاندانن مان ھِڪ آھي جنهن جو علم ھر ننڍي وڏي شھري کي آھي , جڏھن ڪو به فرد يا ڪو ٽولو نشي جي حالت ۾ مست ٿي وچ شھر ۾ ڪنهن به شريف ۽ خانداني ماڻهون کي فيملي سان ويندي رستا روڪ ڪندو ۽ انهن جي تزليل ڪندو ته ان جو ردئي عمل اهو ئي نڪرندو سائين ! اسان جي دوستن ۽ صحافين جي هڪ خاص ٽولي کي گذارش آھي ته اھا جيڪا مووي وائر ڪري رھيا آھن مهرباني ڪري اھا 5 منٽن جي مووي شروع کان منظر ته آندي وڃين ته حقيقت جو پتو پئجي ويندو ھر ماڻهون کي 🙏
باقي سوشل ميڊيا تي سندس خلاف ڪردار ڪشي بند ڪئي وڃي.

Address

Dadu

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when History of DADU posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to History of DADU:

Share